ڪراچي ۾گرمي لهر، پارو 42 تي پهچڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) سامونڊي هوائون بند ٿيڻ ۽ اتر۽ اتر اولههکان هوائون گهلنديون، موسميات کاتي  سنڌ جي ساحلي پٽي ۾  گرمي جي لهر جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين سوڌو ڏاکڻي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ هوائون رُڪجي وڃڻ سبب هِيٽ ويو جو امڪان آهي، گرمي پد 40 کان 42 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب گرمي جي اها لهر 6 کان 8 ڏينهن تائين رهڻ جو امڪان آهي،  عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 11 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

ٽرمپ کان ٻين ۾ ڪورونا وائرس منتقل ٿيڻ جو خدشو ختم

واشنگٽن (م ڊ) وائٽ هائوس جي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان هاڻ ٻين ۾ ڪورونا وائرس منتقل ٿيڻ  جو خدشو ختم ٿي ويو آهي، ڪوشان ڪوٽلي جي چيغام ۾ صدر ٽرمپ جي صحت جي باري ۾ هي اطلاع ڏني آهي، ان جي پيغام مطابق ٽرمپ جي تازي ٽيسٽ جي نتيجي سان هي ثابت ٿيو آهي ته ان ۾ وائرس جي تعداد وڌي نه پئي بلڪه گهٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر هي نه ٻڌايو ته ٽرمپ جو ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ منفي آيو آهي.

آذربائيجان ۽ آرمينيا ۾ ٻيهر چڪريون جاري

باڪو(م ڊ) آرمينيا پاران جنگبندي جي ڪجهه ئي منٽن کان پوءِ آذربائيجان جي رهائشي علائقي مٿان بمباري ڪئي وئي جنهن جي  نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آذربائيجان ۽ آرمينيا پاران روسي پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي نتيجي ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه  ڪلاڪن کان پوءِ ئي سيز فائر جي ڀڃڪڙي جون خبرون مليون آهن. آذربائيجان جو چوڻ آهي ته آرمينيائي فوج شهري علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا . هوڏانهن  آرمينيا جو موقف آهي ته سيز فائر جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي پر آذربائيجان مٿان جوابي ڪارروائي ڪئي آهي. جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي روس جي پرڏيهي وزارت ڌرين کي امن معاهدي جي پاسداري کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته معاهدي ۾ طئي ڪيل نڪتن تي مڪمل  عمل ڪيو وڃي ۽  هڪ ٻئي تي حملن کان پاسو ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.