ملير ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف جساف جو احتجاج

ملير (ڊ ر) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف جساف ملير پاران جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، مبشر جاگيراڻي، ساجد  راڄپر، سالار سنڌي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن قبضو ڪري ڌارين کي وڏي تعداد ۾ آباد ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، هنن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق کي ڪوبه اختيار نه آهي ته هو سنڌ جي ٻيٽن نوان شهر اڏي، هنن چيو ته 25 آڪٽوبر تي جسقم پاران ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ٻٻرلو باءِ پاس تي لڳندڙ ڌرڻي ۾ سنڌ جو عوام وڏي تعداد شرڪت ڪندو، ان موقعي تي نعمان سنڌي، فردين سنڌي، راشد سنڌي، صدام سرگاڻي سميت ڪارڪنن شرڪت ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.