مبارڪپور ويجهو عورت جي قتل جو جرڳو، ويڳي پٽ تي 21 لک رپيا ڏنڊ

مبارڪپور ( رپوٽ : بهادر ڀٽو ) مبارڪپور ڀرسان ملڪيت جي مامري تان ويڳن پٽن هٿان قتل عورت جي قتل واقعي جو جرڳو ڪري 21 لک  رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو آهي. مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙا واھ  ۾ اٽڪل  40 ڏينهن اڳ ويڳن پٽن هٿان بيدردي سان قتل ٿيل بيواه عورت رازُل ماڇي جي خون جو جرڳو خانپور تعلقي جي ڳوٺ مقدم غلام نبي سولنگي ۾ ڪيو ويو. جرڳي ۾ رئيس عبدالستار ٻرڙو مٿان عورت کي ناحق قتل ڪرڻ تي 21 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جرڳو سردار خادم حسين سولنگي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو،  جنهن ۾ عبدالستار ٻرڙو طرفان مشيرن ۾ چيف سردار صدام حسين  ٻرڙو مقرر ڪيو ويو هو ملڪيت جي مامري تان عورت مسمات رازل خاتون کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويوهو، جنهن جو ڪيس مبارڪپور ٿاڻي تي داخل هو جرڳي ۾ جوابدار ڌر تي مقررڪيل 21 لک رپين مان موقعي تي 50 هزار معاف ڪيا ويا جڏهن ته ڏنڊ جي رقم هو ٽن قسطن ۾َ ادا ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.