فوج جي طرز تي سول سرونٽس ۾ مراعتن لاءِ ڊوڙ، نئون بحث شروع ٿي ويو

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جي حوالي سان بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته  هن فيصلي  جي اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته  ملڪي آئين ۽ نه ڪنهن قانون ۾ ججن ۽ فوج جي آفيسرن کي پلاٽ جهڙين مراعتن جي اجازت ڏني وئي آهي. هن جي ان اضافي نوٽ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، ان کان اڳ فوج جي آفيسرن جي سروس دوران ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ ملندڙ مراعتن جو ذڪر ته ٿيندو رهيو آهي پر سول سرونٽس جيڪي عوامي خدمتگار چورائڻ به پسند ڪندا آهن، اهي به ان ڊوڙ ۾ پويان نه آهن. بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ رٽائرڊ آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته  ڪجهه آفيسرن بيورو ڪريسي کي ملندڙ مراعتون گهٽ هئڻ جو ذڪر ڪيو، ڪجهه آفيسرن ان کي عوام تي اضافي ٻوجهه قرار ڏنو، آفيسرن موجب سروس دوران ئي سول بيورو ڪريسي کي لامحدود مراعتون ملڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ اهو سلسلو هن جي رٽائرمنٽ تائين جاري رهندو آهي. رٽائرمنٽ کان پوءِ به سستي اگهه تي رهائشي پلاٽن ۽ ٻين مراعتن جو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهندو آهي.  سرڪاري آفيسر گريڊ 22 تائين پهچندي پهچندي اسلام آباد ۾ ڪروڙين رپين جي هڪ ڪئنال جي ٻن پلاٽن وٺڻ جو حقدار ٿي ويندو آهي، جنهن لاءِ معمولي رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي، 22 گريڊ واري کي رٽائرڊ ٿيندي فيڊرل گورنمنٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي طرفان هڪ پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ خاص رقم به ادا ڪئي ويندي آهي، 2 لک رپين تائين پينشن ملندي آهي، جنهن ۾ هن جا طبي خرچ وغيره شامل آهن، ان ڳالهه جي تصديق اڳوڻي وفاقي گهرو سيڪريٽري تسنيم نوراني ڪئي. هن موجب هڪ پلاٽ فيڊرل گورنمنٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي طرفان، جڏهن ته ٻيو پلاٽ گريڊ 22 ۾ پهچڻ جي انعام طورڏنو ويندو آهي. هن موجب هڪ ڪروڙ وارو پلاٽ 10 کان 15 لک رپين ۾ ملي ويندو آهي. هن ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري کي سڄي عمر  هڪ گاڏي، ڊرائيور ۽ سيڪيورٽي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.  هن چيو ته پلاٽ ڏيڻ واري رسم فوج جي طرز تي ڪجهه سال اڳ شروع ٿي، هن چيو ته سول سرونٽس ۾ اهو بحث زور وٺي ويو آهي ته جيڪڏهن فوج جي سينيئر آفيسر کي پلاٽ ملي سگهي ٿوته پوءِ وفاقي سيڪريٽري کي به ملڻ گهرجي.فيڊرل گورنمنٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي  جي ڊي جي وسيم باجوه  موجب پلاٽن واري منظوري 2007 ۾ ان وقت جي وزير اعظم شوڪت عزيز ڏني. هان اهو پئڪيج وزير اعظم پئڪيج ج نالي سڃاتو وڃي ٿو.هن ٻڌايو ته گريڊ 18 ۽ 19 واري کي 12 مرلا جو رهائشي پلاٽ ڏنو ويندو آهي.16 ۽ 17 وارن کي 10 مرلا جو پلاٽ ڏنو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته فائونڊيشن جا ميمبر 2 لک آهن. گريڊ 21 ۾ رٽائرمنٽ وٺندڙ ميان اعجاز چيو ته ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته پلاٽ ملندو، هي رسم بڻجي وئي آهي. جڏهن ته تسنيم نوراني جو چوڻ هو ته پلاٽ 1989 ع کان ملي رهيا آهن پر اڳ ۾ ان جو طريقو طئه ڪيل نه هو.ڪو 22 گريڊ وارو ڪڏهن ڪڏهن رهجي به ويندو آهي،. ان جو مثال اڳوڻي آءِ جي خواجا خالد فاروق جو آهي جنهن موجب هن جي رٽائرمنٽ کي 10 سال گذري ويا آهن هن کي اڃان هڪ به پلاٽ نه مليو آهي. هن چيو ته هاڻ اميد آهي، ڇاڪاڻ جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو فائونڊيشن جي حق ۾ آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.