”پارليامينٽ ناجائز آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پٽ ايوان ۾ ڇو ويٺو آ“

 

صوابي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪري اهي ماڻهو بيروزگار ٿيا، جيڪڏهن پارليامينٽ ناجائز آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پٽ ايوان ۾ ڇو ويٺو آ؟

صوابي جي علائقي اتله ۾ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اسد قيصر چيو جڏهن حڪومت آئي ته سمورا ادارا خساري ۾ هئا ۽ ملڪي معيشت تباهي ڪناري پهتل هئي.

هن چيو ته گذريل حڪومتن ملڪ کي تباهه ڪيو، عمران خان وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو ته دوست ملڪن اعتماد ڪري امداد ڏني، اسان کي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت اچڻ سان اهي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، جيڪڏهن پارليامينٽ ناجائز آهي ته مولانا جو پٽ ايوان ۾ ڇو ويٺو آ؟ وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ضرور ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.