آمنا الياس سالگرهه جي ڏينهن مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪندڙن تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪئي آهي.

آمنا الياس پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو جاري ڪندي رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪندڙن تي ٺٺول ڪئي.

ماڊل مختصر ويڊيو جي مُنڍ ۾ چئي ٿي ته ”مان آهيان آمنا الياس، توهان منهنجي ڪاميابيءَ جو سبب ڄاڻڻ چاهيو ٿا“؟

 

View this post on Instagram

 

#endcolourism #nofairnesscreams

A post shared by Amna Ilyas (illy) (@aamnailyas) on

پوءِ آمنا الياس اٽي سان ڀريل هڪ ٻاٽي ۾ پنهنجو مُنهن وجهي ٿي ۽ چئي ٿي ته ”هاڻ ڪندا منهنجي مداح مون تي اعتماد، خدا جي واسطي، پاڻ کي سڃاڻيو“.

آمنا الياس جي اهڙي عمل کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڀرپور ساراهيو پيو وڃي.

واضح رهي ته آمنا الياس ان کان اڳ به رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪندڙ پنهنجي ساٿي فنڪارائن تي تنقيد ڪندي رهي آهي.

ڪجهه وقت اڳ هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ سندس چوڻ هو ته منهنجو رنگ مون کي ناڪام نٿو ڪري سگهي ۽ نه مون کي ڪنهن مقصد ۾ ڪيرائي سگهي ٿو، منهنجو رنگ جهڙو به هجي فرق نٿو پئي، مان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.