ڪورونا جا 666 نوان ڪيس رپورٽ، فعال مريضن جو انگ 8 هزار 904 ٿي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا فعال ڪيس وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ مريضن جو انگ 8 هزار 904 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 666 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثر ٿيندڙن جو گڏيل انگ 3 لک 18 هزار 932 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ 8 هزار 904 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 6 هزار 570 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن تحت سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 131، پنجاب ۾ هڪ لک 687، خيبر پختونخواهه ۾ 38 هزار 329، اسلام آباد ۾ 17 هزار 296، بلوچستان ۾ 15 هزار 520، آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 45 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 924 ڪورونا مريض آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.