احمدپور: شرپسندن آبادگار جي بارداڻي ۽ ڪاٺ کي باهه ڏئي ڇڏي، متاثر جو احتجاج

احمدپور ۾ اڻڄاتل ماڻهن آبادگار جي بارداڻي ۽ ڪاٺ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب هن جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو

. متاثر آبادگار عبدالستار ريٽي واقعي جي اين سي احمدپور ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪرائي آهي ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيو شرپسندن ڏينهن ڏٺي جو بارداني ۽ ڪاٺ کي باھه ڏئي وڏو ظلم ڪيو آهي، منهنجو 10 لک رپين جو ڪاٺ ۽ باردانو سڙي رک ٿي ويو.

هن چيو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو، منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ايس ايس پي خيرپور شرپسندن کي گرفتار ڪري سزا ڏئي ۽ منهنجي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.