احمدپور: رهواسين جو سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو

احمد پور ۾ رهواسين پاران سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احمدپور شھر جي لاڙڪ محلي ۾ 11 ھزار بجليءَ جي تار ھلندڙ بجليءَ دوران گهرن مٿان اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي ڌماڪي ٿيڻ سبب ماڻھن  گهر ڀاتين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن تي رهواسين حبيب لاڙڪ ماجد لاڙڪ  ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سندن گهرن مٿان 50 سالن کان وڌيڪ پراڻيون بجليءَ جون تارون لڳل آهن جيڪي ڪيترائي ڀيرا گهرن مٿان ڪري پيون آهن ڪيترائي ڀيرا سيپڪو اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر  تنهن باوجود به پراڻيون تارون تبديل ناهن ٿي سگھيون.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گهرن مٿان 11 ھزار بجليءَ جون تارون ھٽائي ٻي ھنڌ ۽ نيون تارون لڳايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.