ٻيٽن تي قبضو نامنظور: هزارين ڌرتي ڌڻي روڊن تي نڪري آيا، آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر مگسي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف 14 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ٻيٽن بابت وفاقي آرڊيننس خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ملير کان گورنر هائوس تان مارچ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ 6 ڪروڙ سنڌين جي ماءُ آهي ۽ ماءُ خلاف ڪنهن به قسم جي سازش قبول نه ڪنداسين، ڌرتي جا پٽ سينو تاڻي بيهندا ۽ پنهنجون حياتيون قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا.

هن چيو ته اسان ان آرڊيننس کي سنڌ دشمن قرار ڏيون ٿا، وفاقي حڪومت وٽ هڪ ئي رستو آهي ته اهو آرڊيننس بنا دير واپس وٺي.

ڊاڪٽر قادر مگسي گورنر هائوس کي يادداشت نامو پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ لکيل آهي ته آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ پاڪستان جي آئين خلاف آهي، ڇو ته آئين ۾ ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري عوام جو عوام ان کي واپس وٺي بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.