ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ وري لاڪ ڊائون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڪراچي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ مني سمارٽ لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اسد عمر ٻڌايو ته 6 هفتا قومي سطح تي ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري ايوريج 2 سيڪڙو کان گهٽ رهڻ بعد گذريل هفتي اها 2 سيڪڙو کان وڌي وئي.

هن چيو ته ڪراچي، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۾ مني سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ انتظاميا کي حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر ڪاميابي اڳ جيان عوام جي سهڪار کانسواءِ ممڪن ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.