18 آڪٽوبر جو جلسو عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي نااهل سليڪٽڊ حڪومت ملڪ ۽ عوام تي بار بڻجي وئي آهي، 18 آڪٽوبر جو جلسو عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر وقار مهدي، صوبائي وزير سعيد غني، قادر پٽيل، ساجد جوکئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

بلاول هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان سرگرمين جو جائزو ورتو ويو.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪارساز جي شهيدن جي ڏهاڙي پي ڊي ايم جو جلسو عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو، ڪراچي واسين کي 18 آڪٽوبر جي جلسي تائين پهچڻ لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي.

هن چيو ته عمران خان جي نااهل سليڪٽڊ حڪومت ملڪ ۽ عوام تي بار بڻجي وئي آهي، چوري جي ووٽ سان ٺاهيل عمران خان جي حڪومت عوام تي زبردستي مڙهي وئي آهي، پي ٽي آءِ رڳو بيروزگاري، مهانگائي، سفارتي اڪيلائي ۽ اقتصادي بدحالي کي هٿي ڏني.

سندس چوڻ هو ته عام ماڻهو تحريڪ انصاف جي عوام دشمن پاليسين سان مڪمل طور بيزار ٿي چڪو آهي، حڪومت جون عوام ۾ پاڙون ناهن، پي ٽي آءِ کي ان ڪري سليڪٽ ڪيو ويو ته جيئن اها ملڪي وقار تي سوديبازي ڪري ميرٽ جا بخيا اڊيڙي، ان کان اڳ جو عوام پي ٽي آءِ کي تاريخ جي ڪوڙي دان ۾ ڦٽو ڪري، عمران خان اقتدار ڇڏي ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.