بغاوت ڪيس: نواز شريف کانسواءِ سڀني ن ليگ اڳواڻن جا نالا خارج

لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس ن ليگ قيادت خلاف بغاوت ڪيس ۾ نواز شريف کانسواءِ سڀني جا نالا ڪڍي ڇڏيا.

پوليس اختيارين اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، ليفٽيننٽ جنرل عبدالقيوم، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ صلاح الدين ترمذي ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فريادي بدر بشير جي بيان کانپوءِ خاص جاچ ٽيم ايف آءِ آر مان 4 قلم ڪڍي ڇڏيا پر بغاوت تي اڪسائڻ جو قلم براقرار رکيو ويو آهي.

ترجمان انويسٽيگيشن لاهور موجب ڪيس جي جاچ قانون، شاهدين ۽ انصاف جي تقاضن تي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت ن ليگ قيادت خلاف بغاوت جو ڪيس شاهدره ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن تي اپوزيشن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو، جڏهن ته حڪومت ان ڪيس کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.