مهانگائي خلاف ڪارروائي، وزيراعظم ٽائيگر فورس کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽائيگر فورس پنهنجي علائقن ۾ روز جي بنياد تي اٽي، دال، کنڊ ۽ گيهه جا اگهه چڪاسي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته ايندڙ ڇنڇر ڏينهن ٽائيگر فورس سان ڪنوينشن سينٽر ۾ ملاقات ڪندس، ٽائيگر فورس پنهنجي علائقن ۾ روز جي بنياد تي اٽي، دال، کنڊ ۽ گيهه جا اگهه چڪاسي.

سندس چوڻ هو ته ٽائيگر فورس جا رضاڪار ضروري شين جا اگهه چڪاسي پورٽل تي موڪلين، ان معاملي تي ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ ڳالهائينداسين.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن مهانگائي خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.