پاڪستان دشمن امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن: آرمي چيف

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ناليواري عالم مولانا عادل جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

جامعه فاروقيه جي مهتمم مولانا عادل جي قتل تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اها پاڪستان دشمنن طرفان امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

هن ڏوهارين کي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ لاءِ پاڪ فوج کي سول انتظاميا جي هر ممڪن مدد جي هدايت به ڪئي آهي.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان پڻ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ عالمن کي قتل ڪرائي شيعا سني فرقيواراڻو تڪرار پيدا ڪرائڻ چاهي ٿو.

واضح رهي ته گذريل رات وفاق المدارس جي اڳوڻي سربراهه مولانا سليم الله خان مرحوم جي پٽ جامعه فاروقيه جي مهتمم مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور کي قتل ڪيو ويو هو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي قاتلن جي بنا دير گرفتاري جون هدايتون جاري ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.