نوابشاهه: دماغ جي رڳن ۽ سنڌن جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان پاران وس وارن کان علاج جي اپيل

نوابشاهه   ڀرسان ڳوٺ غلام حسين مغيري ۾ دماغ جي رڳن ۽ سنڌن جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان بلاول بغيري وس وارن کان علاج جي اپيل ڪئي آهي.

نوجوان بلاول مغيري گذريل ستن سالن کان دماغ جي رڳن ۽ سنڌن جي بيماري ۾ مبتلا ھجڻ جي ڪري بستري تي پيل آھي، نوجوان شاگرد ڏھين جماعت پاس ڪرڻ کانپوءِ بيماري سبب گھمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي، مائٽن پاران گھر جو الھه تلھه وکڻي نوجوان جو نوابشاهه جي مختلف ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ جي باوجود ھن وقت تائين ٺيڪ ناهي ٿي سگھيو، جڏھن ته نوجوان مالي سهائتا نه ٿيڻ ڪري مايوس ٿي گھر ۾ ڪڪڙ، ڪبوتر ۽ سيھڙ (خرگوش) کپائي پنھنجو علاج ڪرائي ٿو،

ان سلسلي ۾ بيمار نوجوان جي مامي فقير علي حيدر مغيري ٻڌايو ته اسان پنھنجي وس آهر گھر جو الھه تلھه کپائي نوجوان جو علاج ڪرايو پر  اڃان تائين ٺيڪ نه ٿي سگھيو آھي،

ھن چيو ته نوجوان جي امڙ فوت ٿي وئي آهي، پي پيرسن آهي ۽ ڀاءُ ھوٽل تي مزدوري ڪري پنھنجو گذر سفر ڪري ٿو، جڏھن ته ڊاڪٽرن مطابق نوجوان جي علاج تي 8 کان 10 لک روپيا خرچ ايندو،

ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان جي زندگي بچي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.