ڄامشورو:قومپرست اڳواڻن پاران سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي قبضي خلاف گڏيل جدوجهد جو اعلان

ڄامشوري ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي وفاق پاران قبضن کي رد ڪندي ڀرپور نموني گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه عبدالمالڪ بلوچ ڄامشورو پهچي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي سان سائين جي ايم سيد ايڊيفيس تي ملاقات ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

گڏجاڻي کانپوءِ قومپرست اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، عبدالمالڪ بلوچ ۽ رسول بخش خاصخيلي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ صوبن جي هزارين سالن کان ملڪيت آهن، ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي ڪوبه قابض ٿي نٿو سگهي، صدارتي آرڊيننس صوبن کي ورهائڻ جي برابر سمجهون ٿا، ان خلاف گڏيل جدوجهد جاري رهندي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جا  حق سدائين غضب ڪيا ويا آهن، معدني وسيلن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو ويو آهي، 17 آڪٽوبر ۽ پهرين نومبر تي احتجاج جي ڏنل سڏن تي شرڪت لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي پارٽين سان رابطي ۾ آهيون

هنن وڌيڪ چيو ته  اڄوڪي ملاقات ۾ گڏيل طور تي اتفاق ٿيو آهي ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي ورهاست جي نيت سان ٻنهي قومن جي سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن کي گڏجي ڪري ناڪام بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.