گهوٽڪي: ڪارنهن الزام عورت گھٽا ڏئي قتل

گهوٽڪي   ڀرسان جوابدارن عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ شهبازي بلو ۾  22ورهين جي عورت ياسمين  بلو کي مبينا ڪارنهن جي الزام هيٺ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد عورت جو لاش گهر جي ٻاهريان اڇلايو  ويو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي گهوٽڪي تعلقه اسپتال آندو جتان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن  حوالي ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ناري کي جوابدار جان محمد بلو پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪيو آهي.

هوڏانهن  گهوٽڪي واقعي جو ڪيس ٽن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس هن مهل تائين ڪو به  جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.