گمبٽ: پير ترڪڻ سبب عورت واهه ۾ ٻڏي فوت

گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڪيچي پير ترڪڻ سبب عورت ٻڏي فوت ٿي وئي.

مسمات ضميران ڪوري زمين تان گاھ  ڪرڻ بعد  واھ تي رکيل  ڪاٺي ڪراس ڪري ڳوٺ طرف اچي     رهي هئي ته پير ترڪڻ سبب واه ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي۔

وارث  پاران لاش جي ڳولا جاري آهي پاڻي جو وهڪرو وڌيڪ هجڻ سبب لاش هٿ ناهي اچي سگهيو۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.