حيدرآباد ۾ ڇوڪرين جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو

حيدرآباد ۾  سماجي تنظيم گروٿ فار ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاران سافڪو، گرين ورڪرز فائونڊيشن ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي سهڪار سان ڇوڪرين جو عالمي ڏينھن  ملھايو ويو.

ان موقعي تي سافڪو جو اڳواڻ ڊاڪٽر سلمان جي ابڙو، ڊاڪٽر شوڪت ابراھيم ابڙو،ماروي اعواڻ، سبين شاھ، ۽ خطاب ڪندي چيو تھ  ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي  ۽ کين پنھنجن فيصلن ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ سان گڏوگڏ کين هر شعبي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هو  پنھنجون صلاحيتون ظاھر ڪري سگھن.

ھنن چيو تھ ڇوڪرين جي اسڪولن جي گھٽتائي ھجڻ ڪري نياڻيون تعليم کان محروم آھن، حڪومت کي گھرجي تھ ڇوڪرن سان گڏ ساڳئي تعداد ۾ ڇوڪرين جا اسڪول بھ قائم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.