ڪلوئي: ٿر واسين جي خدمت ڪرڻ اولين فرض سمجهو ٿا: گل محمد لاٽ

اڳوڻي سينيٽر گل محمد لاٽ چيو آهي ته ٿر واسين جي  خدمت ڪرڻ اولين فرض سمجهو ٿا.

ڪلوئي ۾ برسات متاثرن ۾ راشن ورهائڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي گل محمد لاٽ چيو ته ٿر سان وابسته آھيون ۽ ٿر واسين جي  خدمت ڪرڻ اولين فرض سمجهو ٿا.

هن چيو ته مرحوم غلام محمد لاٽ جي روح کي ايصال ثواب پھچائڻ لاءِ غريب خاندانن ۾ راشن تقسيم ڪري رھيا آھيون، هو پنهنجي حياتي ۾ ٿرين سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.