سڪرنڊ: جسقم پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف مظاهرو، بک هڙتال

سڪرنڊ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي جسقم جي ضلعي  صدر علي  رضا خاصخيلي ، مسعود شاھ  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ هڪ هئي  هڪ آهي ۽ سنڌ هڪ رهندي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ جي ورهاست ڪڏھن به قبول ناهي هوندي.

هنن چيو ته وفاقي سنڌ جي زمين وسيلن ۽ حقِ حڪمراني تي سدائين والار ڪندو رهيو آهي انهيءَ جو ئي نتيجو آهي جو موجوده وقت ۾ وفاقي حڪومت صدارتي آرڊيننس وسيلي سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي والار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . جهڙي طرح اسرائيل فلسطين جي ڌرتي تي زوري قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ۽ وفاقي سرڪار حرڪتن کان باز اچن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.