ميھڙ: استاد بخاري جي 28 ورسي تقريب

سنڌ جي سدا بھار شاعر استاد بخاري جي 28 ورسي جي حوالي سان کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  الڪاسب ويئلفيئر ٽرسٽ ميھڙ جي چيئرمين فاروق سومرو جي ميزباني ھيٺ ميھڙ پريس ڪلب جي گرائونڊ تي تقريب رٿي وئي.

جنھن جي صدارت استاد بخاري ادبي ڪائونسل جي صدر سينيئر شاعر تابش بخاري ڪئي، جڏهن ته  اديب شاعر عطا الحسنين مهمان خاص طور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن  خطاب ڪندي چيو ته استاد بخاري سنڌ ۽ سونھن جو پوڃاري ھيو استاد بخاري کي علامه آء آء قاضي جي مقرر ڪيل اصولن مطابق دنيا جو وڏو شاعر ۽ موسيقار چئي سگھجي ٿو.

ھنن چيو ته استاد بخاري جي سنڌي توڙي سرائڪي شاعري مختلف ملڪن ۾ ڳائي وڃي ٿي لنڊن جي لائبريري ۾ استاد بخاري جي ڪتابن جو ڪارنر پڻ قائم ٿي چڪو آھي.

ورسي تقريب ۾ نوجوان راڳي احسن سخيراڻي استاد بخاري شاعري پنهنجي سريلي آواز ۾ ٻڌائي محفل کي جھومائي چڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.