تنگواڻي: جسقم پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج

تنگواڻي ۾ جسقم پاران ڏنگي ۽ ٻنڊار ٻيٺن کي صدارتي آرڊيننس تحت آئلينڊ حوالي خلاف ريلي ڪڍي وئي، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙي، طالب لهر،حفيظ مگسي،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماشاالله هوٽل کان  بس اسٽيڊ  تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي،

ريلي کي خطاب ڪندياڳواڻن چيو ته وفاق سنڌ تي قبضي جي سازش  ڪندي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيون ٿا ۽ ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين.

هنن چيو ته  جسقم جي اعلان تحت 25 آڪٽومبر تي ٻٻرلو باء پاس وٽ  پنجاب جي رستا روڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.