بوزدار وڏا: سول سوسائٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج

بوزدار وڏا  ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف  سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مير ڪاشف ٽالپر،  اعجاز پنهيار ٻين جي اڳواڻي ۾  خانواه پل کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا  منتظر مهدي چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب بوزدار وڏا پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق پاران ۾ سنڌ جي ٻيٽن قبضو ڪري سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته  سنڌ مان نڪرندڙ گئس تيل ۽  بجلي سنڌ کان وڌيڪ وفاق ۽ پنجاب استمال ڪري ٿو پوءِ به وفاق سنڌ سان سدائين  ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ  ڪيو پيو وڃي .

ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻيٽن جي معاملي تي  قدم کڻي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.