ايف آءِ آر ۾ شامل قلم ڪو عام ماڻهو داخل ڪرائي سگهي ٿو؟ راجا فاروق حيدر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان چيو آهي ته ان کان وڏي بدقسمتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته جنهن جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، ان کي به غدارن ۾ شامل ڪيو ويو.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي راجا فاروق حيدر خان چيو ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي خبر پوڻ تي ڏاڍو ڏُک ٿيو، پي ڊي ايم جا اڳواڻ مودي جا ايجنٽ آهن ته پاڪستان جي وجود تي سوال ٿو اُٿي، مان ڪنهن کي ناهي چيو ۽ نه چوندس ته منهنجو نالو ايف آءِ آر مان ڪڍو.

هن چيو ته ان کان وڏي بدقسمتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته جنهن جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي، ان کي به غدارن ۾ شامل ڪيو ويو، مون کي جاچ لاءِ گهرايو ويو ته سرڪاري گاڏي ۾ هٿڪڙيون پائي ويندس، اسان جو مستقبل پاڪستان آهي، پاڪستان سان وابستگي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، عزم ڪمزور نه ٿيندو، خواهش آهي ته سرينگر ۾ پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايان.

سندس چوڻ هو ته ايف آءِ آر ۾ شامل قلم ڪو عام ماڻهو داخل ڪرائي سگهي ٿو؟ انهن کي ايتري به توفيق ناهي ته ڪير فون ڪري معذرت ڪري، پاڪستان جو وزيراعظم ڪير به هجي اسان لاءِ احترام لائق آهي، جڏهن وزيراعظم چئي ته اپوزيشن جي پويان مودي آهي ته اهڙا ڪيس داخل ٿيندا آهن،  ايف آءِ آر اختلافي ڏيوالپڻو ۽ ملڪ دشمني جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته پيڪا سميت ن ليگ جي حڪومت ۾ ٺهيل ڪجهه قانون درست ناهن، هتي مادر ملت کي غدار چيو ويو، اهڙيون ڳالهيون ملڪ کي ڪمزور ڪنديون آهن، پريشاني اها آهي ته مان ڀارتي ايجنٽ آهيان ته ڪشميري طور منهنجو مستقبل ڪهڙو آهي؟

هن چيو ته اي پي سي ۾ رڳو پاڪستان کي آئين موجب هلائڻ جي ڳالهه ٿي، وزيراعظم نه هجان ها ته ن ليگ اڳواڻ طور سڀ کان اڳ ۾ وڃي گرفتاري ڏيان ها، اڃا احتجاجي تحريڪ ۾ سڌي ريت شرڪت جو فيصلو ناهي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مودي جي 5 آگسٽ جي قدمن کانپوءِ ڪشميرين جي اميد موجب پاڪستان قدم نه کنيا، ڀارت پوڻا 17 لک ماڻهن کي والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائل ڏئي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.