موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

موسميات کاتي چيو آهي ته هيٽ ويو دوران ڪراچي ۾ اتر ۽ اتر اولهه کان هوائن گهلنديون، شهر جو گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي ۽ اها لهر 6 کان 8 ڏينهن تائين شهر تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب لاڳاپيل ادارن جي اختيارين کي هيٽ ويو بابت ضروري قدمن کڻڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

موسميات کاتي جي اختيارين به هدايت ڪئي آهي ته عوام 11 کان 4 وڳي تائين بنا ضرورت جي گهران نه نڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.