نوابشاهه جڳهه جي سودي بعد همراهه سان فراڊ، احتجاج

نوابشاهه ( ڊر ) نوابشاهه جي علائقي فقير جي کوهي جي رهواسي محمد انور ولد حاجي عبدالصمد بروهي معصوم نياڻي سان گڏ مرحوم محمود ڀٽي جي گهر واري مسمات عظيمان پاران گهر جي وڪري جي آڙ ۾ ساڻس مبينه طور ٿيل هڪ ڪروڙ 40 لک روپين جي فراڊ خلاف احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوئي سدرن گئس جي اڳوڻي ملازم مرحوم محمود ڀٽي جي گهرواري مسمات عظيمان جي نالي نوابشاهه جي علائقي سيد نواز علي شاهه ڪالوني فيض ون ۾ 1350 فٽ جي بنگلي جو هڪ ڪروڙ 50 لک روپين ۾ سودو ڪيو ۽ هن مسمات عظيمان سان معادي تحت قسطن ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک روپيا ادا ڪيا ۽ آخري 10 لک روپيا 10 جولائي 2020 تي گهر جي رجسٽري سندس حوالي ٿيڻ جي صورت ۾ ادا ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو، هن چيو ته هڪ ڪروڙ 40 لک روپيا ادا ڪرڻ جي باوجود مونکي گهر جي رجسٽري نه ڏني وئي ته مون مرحوم محمود ڀٽي جي ويجهي مائٽ ۽ نوابشاهه ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي کي شڪايت ڪئي، ابتدائي طور ڪوڙا دلاساڻ ڏيڻ بعد هُن پاڻ کي معاملي کان لاتعلق ڪري ڇڏيو، انهيءَ دوران ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته محمود ڀٽي کي ڪنهن ٻي ڌر ڏيتي ليتي جي معاملي تان قتل ڪري ڇڏيو آهي، اختياريون اهڙي فراڊ نوٽيس وٺيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.