خانپور مهر تعلقي ۾ فصل تباهه، آبادگار پريشان

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر) خانڳڙھ تعلقي جي مختلف علائقن، شاهپورمهر، خانپورمهر ،سرداڳڙہ ،لنڊبازار،واهي گهوٽو ۽ ٻين علائقن ۾ نقلي زرعي دوائن ۽ ٻج جي وڪري سبب آبادگارن جو سوين ايڪڙ زمينن ۾ پوکيل ووئڻن جو فصل سڪي سڙي تباھ ٿي ويو آهي جنهن سبب فصل مان آبادگارن جو ڪيل  خرچ ۽ قرض به لهي نه سگهندا، فصلن جي تباهي سبب آبادگارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن خانڳڙھ تعلقي ۾ نقلي زرعي دوائن ۽ ٻج جي وڪري توڙي فصلن جي تباهي خلاف هاري آبادگار ايڪشن ڪاميٽي پاران 15آڪٽوبر تي خانپورمهر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو ويو آهيجنهن ۾ خانڳڙھ تعلقي جي مختلف علائقن مان آبادگار شريڪ ٿيندا ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ جمشيد فيض ماڪو۽ ٻين  جو چوڻ آهي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ نقلي زرعي دوائن جي وڪري سبب اسان جا لکين روپين جا فصل تباہ ٿي ويا آهن جنهن خلاف خانپورمهر سميت گهوٽڪي ضلعي جي سمورن شهرن ۾ هاري آبادگار ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاج ڪيو ويندو هنن چيو ته  ايگريڪلچر عملدارن جي ملي ڀڳت سان زرعي ڪمپنيون ۽ ڊيلر نقلي زرعي دوائون، ٻج وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب اسان جا فصل تباہ ٿيڻ ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نقلي زرعي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپنين، ڊيلرن ۽ ايگريڪلچر عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.