نوشهري فيروز ۾ پيراميڊيڪل جو احتجاجي جلسو

نوشهروفيروز(ڊ ر)آل پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف فيڊريشن پاڪستان جي مرڪزي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي زير اھتمام ڪميونٽي ھال نوشھروفيرو ۾ احتجاجي جلسو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ مرڪزي، صوبائي قيادت کان سواءِ سمورن ضلعن کان آيل پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي صدر شرافت الله يوسفزئي، شاھد جھان خٽڪ، ارشد خان، مالڪ شاھ، ملڪ منير، ملڪ يوسف، جمال شاھ، ممتاز علي جتوئي، صوبائي صدر خادم حسين مستوئي، ضلعي صدر محمد اشرف قريشي، محمد يونس وسڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيراميڊيڪل ڪائونسل جي قيام سان سڄي پاڪستان جي پيراميڊڪس جي گڏيل حقن سان صحت کاتو مضبوط ٿيندو پر افسوس حڪومت حقن جي لتاڙ ڪري رھي آھي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف جو پراڻو مطالبو ٽائيم اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر جو آھي جنھن لاءِ سنڌ حڪومت غيرسنجيدھ ڪردار ادا ڪندي رھي آھي ملڪ ۾ ھڪ طرف ڪورونا وائرس تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي ۽ اسان جا ملازم رسڪ تي ڪم ڪري رھيا آھن پر گذريل ڏينھن سنڌ حڪومت رسڪ الائونس جي خاتمي جو ليٽر جاري ڪيو آھي  جيڪو ھڪ وڏو ظلم آھي ان ظلم جي خلاف گرينڊ ھيلٿ الائنس سومر ڏينھن ھنگامي اجلاس طلب ڪيو آھي جنھن ۾ حڪمت عملي تيار ڪري احتجاج جو باقاعدي شيڊيول جاري ڪيو ويندو اڳواڻن تمام پيراميڊڪس کي اپيل ڪئي ته اتحاد جو دامن ھٿان نه وڃائين. آخر ۾ حڪومت جي بي حسيءَ جي خلاف ڪميونٽي ھال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته رسڪ الائونس في الفور بحال ڪري ٽائيم اسڪيل ۽ ٻيا تسليم ڪيل مطالبا حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. تقريب کي چيئرمين اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو، عبدالجبار ڪنڀر، حزب الله راجپر، محمد شريف پالاري، رياض احمد سومرو، رميز تنوير علي خاصخيلي، بشير احمد لاشاري، شھناز رانجھاڻي، ميوارام ساقي مير شڪيل ٽالپر، امداد جمالي، خان محمد جمالي، حاجي عبدالرشيد، صداقت علي سومرو، راھب علي ٻانڀڻ، منور ميمڻ، محمد ياسين چنڙ، محمد سعود بوھيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.