زنئور برادري هڪ مضبوط طاقت بڻجي چڪي آهي: عاشق علي زنئور

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان نئون تيار ٿيندڙ ادارا جامع مسجد خاتم النبيين جي اڳواڻ مولانا محمد ابراهيم زئور طرفان زئور برادري جي آل پاڪستان جي چيف سردار عاشق علي زئور ۽ نيشنل پريس ڪلب ٽنڊوغلام حيدر جي سموري صحافين کي ڏنل آجياڻي واري تقريب منقعد ڪئي وئي ان موقعي تي مولانا محمد ابراهيم زئور آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي ننڍڙي تقريب ۾ چيف سردار عاشق علي زئور ۽ نيشنل پريس ڪلب جي سموري سٿ جي شرڪت اسان لاءِ خوشي آهي مون جيڪو ڪجهه هن وقت تائين ڪم ڪيو آهي اهو پنهنجو فرض سمجهي ڪيو آهي،جيڪو ڪنهن تي ٿورو ناهي،ٻئي طرف آل پاڪستان زئور برادري جي چيف سردار عاشق علي زئور چيو ته شڪرگذار آهيان جن اسان جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب منقعد ڪئي وئي .هن چيو ته زئور برادري پوري پاڪستان ۾ هڪ منظم ۽ مضبوط طاقت بڻجي چڪي آهي ۽ 31 آڪٽوبر تي سموري زئور برادري پاران مونکي سرداري پڳ ٻڌرائڻ لاءِ دادو ۾ هڪ بهترين پروگرام رکيو ويو آهي جيڪو تاريخي پروگرام ثابت ٿيندو ۽ آئون پنهنجي زندگي جي آخري دم تائين عوام جي لاءِ ڪم ڪندو رهندس.ٻئي طرف نيشنل پريس ڪلب جي صحافين چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي جو زئور برادري جي سردار سميت اسان کي مڃتا ڏني وئي آهي نه ته اسان مرده پرست هجڻ ڪري ماڻهن جو زنده هوندي قدر نه ڪندا آهيون،جڏهن ته تقريب ۾ مولانا گل حسن زئور،رئیس رضوان علي زئور،حاجي بشیراحمد زئور،حاجي اسرار احمد زئور،حافظ عروہ صدیقی سميت صحافين، سماج سڌارڪن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.