ملير ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو نوابشاهه پوليس خلاف احتجاج

ملير (ڊ.ر) رحيم يار خان جي ياسمين چاچڙ ٻانڌي جي نوجوان وسيم ڏاهري سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، عدالتي پرڻي ڪرڻ کانپوءِ نوابشاهه پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، گهرن تي ڇاپا هڻي ٻن عورتن سميت 7 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسان جي حياتين کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار رحيم يار خان جي رهواسڻ ياسمين چاچڙ، ٻانڌي نوابشاهه جي رهواسي وسيم احمد ڏاهري ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته 21 سيپٽمبر تي عدالتي پرڻي ڪرڻ کانپوءِ اسان خلاف نوابشاهه پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي، اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ناري ياسمين چاچڙ چيو ته منهنجو ڳوٺ حسين آباد رحيم يار خان آهي، مان پنهنجي گهران مرضي سان نڪري وسيم احمد ڏاهري سان 21 سيپٽمبر تي عدالتي پرڻو ڪيو آهي، عدالتي پرڻي ڪرڻ کانپوءِ منهنجو ڀاءُ رزاق حسين، سئوٽ رئيس امتياز چاچڙ، رئيس اعجاز چاچڙ، چاچا رئيس غفار چاچڙ، ستار چاچڙ ۽ نوابشاهه جو بااثر ياسين بروهي اسان لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي، هي اسان کي مارڻ لاءِ ڳولهي رهيا آهن،منهنجي مائٽن جي سرپرستي ياسين بروهي ڪري رهيو آهي، هنن مان مون کي خطرو آهي، هن چيو ته سيشن عدالت نوابشاهه مان ڪيس منهنجي ۽ منهنجي مڙس جي حق ۾ اچڻ کانپوءِ ايس ايس پي بينظير آباد مختلف ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا ساڻ وٺي منهنجي مڙس جي ٻانڌي ۾ گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي مڙس جي سئوٽن علي خان ڏاهري، روشن ڏاهري، مجاهد ڏاهري، آفاق ڏاهري، لياقت ڏاهري سميت ٻن عورتن کي گرفتار ڪري ٻن ڏينهن کان گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي خدشو آهي ته پوليس ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، جوڙي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي بينظير آباد کي اپيل ڪندي گُهر ڪئي آهي ته اسان عدالتي پرڻو ڪري ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي اسان جي حياتين کي خطرو آهي، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.