ڪوٽڙي احساس رجسٽريشن سينٽر تي عورتن جي تذليل، احتجاج

ڪوٽڙي (  رپورٽ: جبار ڪابورو ) وفاقي حڪومت پاران ڪيل اعلان کانپوءِ ڪوٽڙي سائيٽ ليبر ڪالوني ۾ نادرا پاران احساس ايمرجنسي رجسٽريشن لاءِ کوليل سينٽر تي هزارن جي تعداد ۾ عورتون نٽهڻ اس ۾ بيٺل پيئڻ جي پاڻي توڙي واش روم جي سهولت نه هئڻ سبب مسڪين عورتون دربدر ٽينٽ جي سهولت نه هئڻ سبب سڄو ڏينهن اس ۾ بيٺل احساس ايمرجنسي سينٽر ۾ مقرر اسٽاپ پاران عورتن سان بدتميزي سينٽر تي رجسٽريشن لاءِ آيل عورتن مسمات سڀائي مسمات ريشم مسمات صحت خاتون عوامي آواز سان دانهيندي ٻڌايو ته گذريل پنج ڏينهن کان روز سينٽر تي اچي ويهي ويهي واپس وڃون ٿيون اڃان تائين رجسٽريشن ناهي ڪئي شناختي ڪارڊ وٺن ٿا جيڪي به ٻه ٻه ڏينهن رکيو ڇڏن هنن چيو ته پيئڻ جو پاڻي پيسن تي وٺي پيون ٿا واش روم جي به سهولت ناهي .

هنن چيو ته اعلي اختياريون نوٽيس وٺي سهولتون فراهم ۽ تڪڙي رجسٽريشن ڪئي وڃي ٻئي طرف سينٽر جي انچارج ماروي ديشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان پنهنجو ڪم ڪريون پيا پر عورتون ڪا ڳالهھ سمجهڻ لاءِ تيار ناهن جن کي ٽوڪن ملي ٿو اهي به بيٺل رهن ٿيون ھن چيو ته هي سينٽر تي  ڇھه مهينن تائين رجسٽريشن هلندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪنهن سان به ڊيٽا شيئر نٿا ڪري سگهون سهولتن لاءِ پنهنجي بالا آفيسرن سان دانهيو آهي ليڊيز پوليس به نٿي ڏني وڃي جنهن سبب ڏکيائي سان منهن ڏيڻو پوي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.