حيدرآباد ۾ ٽنڊي الهيار واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ جعفر خان جمالي جي رهواسين علائقي جي بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات حسنه الزام هڻندي چيو ته سندس 12 سالا نياڻي فوزيه کي علائقي جي بااثر ماڻهن اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري ماري ڇڏيو، جڏهن ته پيارو لنڊ ٿاڻي جي پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري ويتر ڌمڪائي رهي آهي، جڏهن ته سندس نياڻي کي فوت ٿيندي 3 سال گذري ويا آهن پر نياڻي فوزيه جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. هن دانهيندي چيو ته جوابدار بااثر آهن .۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻي وڃو. اسين غريب آهيون پيارو لنڊ ٿاڻي جي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.