چيلهار شهر ۾ ٻيلي کاتي چئن دڪانن جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو

چيلھار (ن ع آ) چيلھار شھر ۾ ڪجهھ ڏينھن اڳ ٻيلو کاتي جي ٽيم آئي ھئي جنھن شھر ۾ ھلندڙ دڪانن جو ڪم بند ڪرايو ڪم بند ڪرائڻ بعد چيلھار جا شھري حيرت ۾ پئجي اھا سوچڻ تي مجبور ٿي ويا تي ڇا ٻيلو کاتو جي زمين ھن چار دڪان اندر آھي ڪم بند ڪرايو آھي ٻيلو کاتو جي زمين تي ايڪڙن ۾ ھوندي آھي ڪاروائي صرف چار دڪان جي ڇو ٻيلو کاتو جي اھڙي ڪاروائي بعد شھرين ٻيلو کاتو جي زمين بابت ضعلي انتظاميان کان پڇاڻو ڪيو تي اعتبار جوڳن ذريعن ٻڌايو چيلھار ۾ ٻيلو کاتي جي زمين آسار اسٽاپ کان راڻاسر ترائي تائين سروي ٿيل آھي باقي جتي والار ھئي اھا زمين رڪارڊ ۾ ناھي. اھڙو پتو پوڻ بعد شھرين سيشن جج ٿرپارڪر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو دڪاندرن کي بليڪ ميل ڪري ڪم بند ڪرائڻ بدران سروي ٿيل ٻيلو جي زمين تي ٿيل قبضا ھٽائي ڪارائتي ڪارروائي ڪئي وڃي، جئين ناانصافي ٿيڻ بدران اصل انصاف ملي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.