ٺل ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ٺل(رپورٽر)ٺل ۾ ڀٽي برادري پاران زمين تي قبضي جي خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل ڀرسان ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو ڀٽي جي رهواسي ڀٽي برادري پاران بااثرن پاران زمين تي قبضي جي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين پاران قبضا مافيا جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرين شڪيل احمد،خليل احمد،قادر بخش،انيس احمد ۽ عبدالحق ڀٽي ۽ ٻين ٻڌايو ته غلام فريد ٻرڙو،واحد ٻرڙو ۽ انهن جا ساٿي اسان جي ڳوٺ بودلو ڀٽي ۾ ٻه جريب زمين تي قبضو ڪيو آهي.،اسين جڏهن قبضا خورن خلاف معززين کي دانهن ڏني ته اسان سان وڙهن ٿا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا،هنن چيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ 25 لک رپيا ڀتو گهري رهيا آهن،اسان سان ظلم ٿي رهيو آهي،اسان ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جي زمين تان بااثرن جو قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.