لاڙڪاڻي ۾ برطرف ملازم جو ٻارن سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي برطرف ٿيل ملازم ڪالھ ٻئي ڏينهن به پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي نوڪري تي بحالي لاءِ علامتي طور پٿر کائي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي برطرف ملازم علي نواز سانگي پنهنجي ڀاءُ رياض سانگي سميت معصوم ٻارڙن مرڪ سانگي، عاليه، سراج ۽ بينظير سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اڳوڻي ناظم قربان عباسي 2003ع مونکي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ سينيٽري ورڪر طور نوڪري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ مان ماهوار پگهارون به کنيو، جڏهن ته شهر جي صفائي سٿرائي جو ڪم نساسڪ حوالي ڪرڻ بعد ميونسپل جي ٻين ملازمن سان گڏ مونکي به نساسڪ ۾ ضم ڪيو ويو، پر 2017ع ۾ نساسڪ سان سنڌ حڪومت جو معائدو ختم ٿيڻ ڪري ملازمن کي ٻيهر ميونسپل ۾ اماڻيو ويو، ان وقت مونکي بنا جواز نوڪري مان برطرف ڪري بيروزگار ڪيو ويو، اڄ تائين نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو آهي،ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميئر خير محمد شيخ مونکي بحالي جا آسرا ڏيندو رهيو، پر ان به مونکي بحال نه ڪيو، بروزگاري سبب مان ۽ منهنجي معصوم ٻچا بک بدحالي جو شڪار آهيون، ٽن سالن کان مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ڪري رهيو آهيان، پر ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. هن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي نوڪري تي بحال ڪري روزگار ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.