18 آڪٽوبر جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙن جو ڏينهن آهي:ساجد جوکيو

گڏاپ (رپورٽ: ممتازشيخ)پيپلز پارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري ميمبر صوبائي اسيمبلي ساجد جوکيو گلشن حديد جو دورو ڪيو. ساجد جو کيو چيو ته 18 آڪٽوبر جو ڏيهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندڙن جو ڏينهن آهي 18 آڪٽوبر 2020 ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو تاريخي جلسو ثابت ٿيندو گڏاپ ۾ پارٽي اڳواڻن صحيب شاهد ،ڪي بي پٺاڻ، دولت رام، وڪي ڪوهستاني، سني ميراڻي ۽ ٻين سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي تاريخ ۾ جيڪا ملڪ ترقي ڪئي آهي ان کان پوري دنيا واقف آهي هن سليڪٽڊ وزير آعظم ملڪ تي مهانگائي جو طوفان آڻي غرين ماڻهن کان ويلي جي ماني جو حق به کسي ورتو آهي ساجد جوکيو چيو تهپيپلز پارٽي جي جدوجهد ملڪ جي سلامتي ، بقا جمهوريت لاءِ آهي ملڪ هن وقت سليڪٽڊ وزير آعظم جي ڪري انتشار جو شڪار آهي ملڪ ۾ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن پاڪستان اسٽيل مل سميت ملڪي مفاد وارا ادارا خانگائڻ جي سازش آهي نيازي سرڪار سنڌ کي مڪمل نظرانداز ڪيو آهي وفاقي سرڪار سنڌ کي هن وقت ڪجھ ناهي ڏنو ڪراچي پيڪج جو لالي پاپ ڏئي ماڻهن جو سرڪار پاڻ ڏاهن ڌيان هٽايو آهي ساجد جوکيو چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي زبردسٿ ڪم ڪيو آيو ٻين صوبن کان وڌيڪ سنڌ ۾ ڪم ٿي رهيا آهن ساجد جوکيو چيو ته سنڌ جي وحدت تي خلاف سازشون ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهن ڪراچي کي الڳ ڪرڻ وارن جي سوچ انهن کي پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ هڪ آهي هڪ رهندي ساجد جوکيو چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيازي سرڪار خلاف سينو تاڻي بيٺو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن تبديلي سرڪار جو ڏمر ملڪ تان ختم ڪرائجي . ساجد جوکيو چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ عوامي سمنڊ گڏ ٿيندو ڪارڪن تياري ڪن عوام کي اپيل آهي ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري نيازي سرڪار خلاف پنهنجو فيصلو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.