عبدالرئوف مينگل۽ ٻين جي عالمگير مينگل سان عذرخواهي

حب(ن ع آ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مير عبدالرئوف مينگل، مير غلام رسول مينگل، سيد وڪيل شاهه، علي محمد رهساني، محمد لائق جتڪ، بي اين پي جي سينيئر اڳواڻ حاجي عالمگير مينگل، مير جهانگير خان مينگل، مير ظاهر خان مينگل جي ڀيڻ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي، هوڏانهن نيشنل پارٽي بلوچستان جي نائب صدر رجب علي رند، روشن علي جتوئي، لاڏله نويد رند ۽ باسط بروهي گذريل ڏينهن ماسٽر ناصر بلوچ جي وفات تي سندس وارثن وٽ پهچي عذرخواهي ڪئي.

سانگھڙ ۾ اهلسنت جي تنظيمن طرفان تحفظ ناموس رسالت ريلي

سانگھڙ (ن ع آ) تحفظ ناموس رسالت عظمت صحابا و اھل بيت جي سلسلي اھلسنت جي تنظيمن طرفان جامع مسجد سانگھڙ  کان وٺي پريس ڪلب سانگھڙ  تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي قيادت سني تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حافظ محبوب علي سھتو ـ ميان اسلم قادري ـ جمال الدين ماڃوٺي ـ شاھد رضا سڪندري ـ رئيس احمد گڊو ـ ۽ وڏي انگ ۾ شھرين ۽ مذھبي جماعت جي ماڻھن شرڪت ڪئي.

ٽنڊي محمد خان ۾ لوئر اسٽاف کي سهولتون نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)ٽنڊي محمد خان ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايسوسيئشن جي طرفان سنڌ جي لوئر اسٽاف ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ، بنيادي سهوليتون نه ملڻ خلاف آل سنڌ لوئر اسٽاف ايسوسيئشن جي مرڪزي صدر وزير احمد ڪيريو ، سعدالله جتوئي ، اسلم لاکو ، نور احمد جمالي ، اصغر جويو ، عبدالرزاق نهڙي  ، علي حسن قمبراڻي ،  ارباب محمد اقبال ، فياض ڪيريو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو ، انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته لوئر اسٽاف جا ملازم مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود پنهنجي جائز مطالبن جي تسليم ٿيڻ کان محروم رهجي ويا آهن ، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ جي لوئر اسٽاف ملازمن کي ٽائيم اسڪيل سنڌ ڪابينا مان منظور ڪرائڻ کانپوء اسيمبلي جي فلور تي سڄي سنڌ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر سنڌ جا گهٽ پگهار حاصل ڪندڙ لوئر اسٽاف ملازم ٽائيم اسڪيل جي سهوليت کان محروم رهيل آهن ، سنڌ جي لوئر اسٽاف ملازمن کي ميڊيڪل جي سهوليت ، وردي الائونس ، رهائش الائونس ، سن ڪوٽا ، فوتي ڪوٽا به اڃان تائين ملي نه سگهي آهي ، فوتي ڪوٽا جي عدالت جي ڏنل احڪاماتن تي عمل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون وڃن پيون ، جنهن جي ڪري اڃان به ناانصافين جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته مجبور ٿي سڄي سنڌ جا لوئر اسٽاف ملازم وري ٻيهر ڀٽ شاھ کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.