ميهڙ ۾ پورهيت جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ ) ميھڙ تعلقي جي فريدآباد ٿاڻي جي حد واري جو ڳوٺ جي رھواسين پيرسن سهراب ساکاڻي چانڊيو پنھنجي پٽ محمد نواز چانڊيو سان گڏ پريس ڪلب پھچي ڪجھه ڏينھن اڳ گھر ۾ چوري واقعي ۾ جوابدارن پاران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گھر ڌڻي عورت مسمات عالماءِ خاتون جي فرياد  داخل نه ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ھنن چيو ته جوابدار مير جان چانڊيو بشير چانڊيو پنھنجي ٻن ساٿين سان ڳڏ اسان جي گھر ۾ چوري جي ارادي سان داخل ٿيا سجاڳ ٿيڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪئي جنهن سبب مسمات عالماءِ خاتون زخمي ٿي پئي پر افسوس ڪافي ڏينھن گذرڻ باوجود فريدآباد پوليس واقعي جو ڪيس داخل ناھي ڪيو ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتارڪيو آھي جوابدار بااثر آھن، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.