حيدرآباد ۾ ڀيل برادري جو وڏيري خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) نوري آباد جي ڪمانڊو سٽي جي رهواسي ڀيل برادري پاران بااثر وڏيري جي ناجائزين خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي راجا ڀيل، تارا چند، بادل ڀيل، ببلو ڀيل ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڪمانڊو سٽي ۾ اسين 9 ماڻهو وڏيري خليل قائمخاني جي باغ ۾ ڪم ڪنداهياسين، جڏهن ته زمين تي ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيڻ تي وڏيرو ۽ ان جا پٽ مڇرجي پيا ۽ اسان کي گهڻي مارڪٽ ڪيائون. جنهن سبب اسين جان بچائي اتان ڀڄي آيا آهيون، جڏهن ته وڏيري ڏي هارپي جي مد ۾ سندس 9 ماڻهن جي 3 مهينن جي رهيل پگهار، 5 ٻڪريون، 2 سولر پليٽون، 2 بيٽريون ۽ ٻيو سمورو گهر جو سامان رهجي ويو آهي. جنهن سامان تي وڏيري قبضي ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ هو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي وڏيري ۽ سندس پٽن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، سمورو سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.