راڌڻ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو منشيات فروشن خلاف احتجاج

راڌڻ ( ن ع آ )  راڌڻ لڳ ڳوٺ امام بخش جانوري واسي اسٽيج ۽ ٽي وي جي مشھور فنڪار مرحوم خميسي خان جانوري جي مبينا منشيات واپرائڻ سبب فوت ٿي ويل نوجوان پٽ گلزار علي جانوري جي وارثن گل حسن جانوري حاجي مظھر جانوري زين جانوري ۽ شھر جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن نظر علي سولنگي راڄوڻي اتحاد جي راشد علي سولنگي اڳوڻي ڪائونسلر صابر حيسن راڌڻ زاھد حسين سومري جي اڳواڻي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿيڻ ۽ ڳوٺ امام بخش جانوري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ منشيات جا اڏا بند نه ٿيڻ خلاف ناڪو چوڪ راڌڻ تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه ڏينهن پهريان اسان جو نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو هو جنهن جي لاش سميت لڳل ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ميهڙ ۽ ايس ايڇ او راڌڻ اسان کي انصاف فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو مگر ٻه ڏينهن گذري وڃڻ بعد به منشيات فروشن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي رهي آهي. نه  مقتول گلزار علي جو ڪيس جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت تائين اسان جي ڳوٺ امام بخش جانوري ۾ بااثر زرداري برداري جي ماڻھن جا اڏاسري عام هلي رهيا آهن هنن وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.