نوابشاهه قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاج

نوابشاهه( ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ڪئمپس جي سوين شاگردن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون جي خلاف سندس آفيس ٻاھران پنھنجي مطالبن لاءِ سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي انجينئرنگ پاس شاگردن اظھار جھتيال، سيف الله جوڻيجو، نويد عالماڻي امجد رونھگوز عطا رحمان، راجا مھر توفيق الرحمان، شعيب کوکر، مير محمد ڪيريو ۽ ٻين شاگردن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو چار سال ٿي ويا آھن اسان انجنيئرنگ پاس ڪري گھرن ۾ ويٺا آھيون پر لاڙڪاڻي جي ڪئمپس پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل ۾ اڃان تائين رجسٽر نه ڪرائي وئي آهي ۽ اسان ايس ڊي او واپڊا، ٽائون پلينر سي ڊي اي، سب انجنيئر، او جي ڊي سي ايل ۾ انٽرويو ڏنا ۽ انھن ۾ پاس به ٿي ڪوائليفائيڊ ٿي ڪامياب ٿي وياسين پر اسان کي اھو چيو ويو ته توھان جون ڊگريون رجسٽرڊ ناھن توھان کي نوڪريون نٿا ڏئي سگھون، ھنن چيو ته چوٿين بيچ جا شاگرد به سڀ متاثر آهن، ايترو پريشان ٿي ويا آھيون جو پنھنجو پاڻ کي باھه ڏئي خودڪشيون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، انتظاميه جي نااهلي سبب اسان پنھنجو پاڻ کي ساڙي مارينداسين، ھنن چيو ته اسان اميرن جا ٻار ناھيون، مزدور، پورھيت ۽ ھر ھارين جو اولاد آھيون پنھنجي گھرن جو سامان وڪڻي پڙھائي ڪئي آهي، اسان سان انصاف ڪري اسان جي ڪئمپس کي پي اي سي مان رجسٽر ڪرايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.