ناليواري اداڪار اسرار احمد لغاري کي نوڪري تان رٽائر ٿيڻ تي ساٿي استادن طرفان الوداعي پارٽي

مٽياري (ت ر)مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ پي ٽي وي جي ناليواري اداڪار اسرار احمد لغاري کي نوڪري تان رٽائر ٿيڻ تي مٽیاري هاء اسڪول جي استادن پاران الوداعي پارٽي ڏني وئي اسرار لغاري ايگريڪلچر انسٽرڪٽر واري پوسٽ تي 20 گريڊ تي مٽیاري هاء اسڪول ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو هو ان ڏس ۾ مٽیاري هاء اسڪول جي ساٿي استادن هيڊ ماستر قاضي شعيب احمد، سينيئر استاد عبدالرزاق ميمڻ، ايم بچل ميمڻ ، ۽ ٻين استادن پاران سندس رٽائرمينٽ تي کيس الوداعي پارٽي ڏني وئي جڏهن ته ساڳي تقريب ۾ سندس سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو .

راما پير مندر تي حملو ڪريل حرڪت آهي: گيان چند ايسراڻي

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ ) پ پ  جي  ايم پي اي گيان چند ايسراڻي راما پير مندر تي حملو ۽ مورتين جي بيحرمتي ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آھي پ پ پ ايم پي اي گيان چند ايسراڻي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪڙيو گهنور ۾ راماپير مندر تي حملي، مورتين جي بي حرمتي ۽ پوڄاري کي ڌمڪين جي مذمت ڪيان ٿو راماپير مندر تي حملو ڪريل حرڪت ۽ هندو برادري کي هيسائڻ جي سازش آهي اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي حملن کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو هن چيو ته مندر تي حملي ۽ مورتين جي بي حرمتي ۾ ملوث شرپسندن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي اقليتي برادري عدم تحفظ جو شڪار ۽ سندن عبادتگاهون غير محفوظ بڻيل آهن سنڌ ۾ اقليتي برادري جي عبادتگاهن توڙي سندن جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي .

حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپوٽر) حيدرآباد جي ڳوٺ سنجر ملاح جي رهواسي محبوب ملاح پلاٽ تي قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪالهه به احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته ديهه ڄامشورو ۾ سندس ڏاڏي جي رڪارڊ وارو 10 هزار فٽ تي مشمل هڪ پلاٽ آهي، جنهن تي علائقي جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس پلاٽ سروي نمبر 223 ۾ آهي. جيڪو سندس ڏاڏي مرحوم گل محمد ملاح جي ملڪيت آهي. جنهن جي وفات کان پوءِ اهو پلاٽ اسان جو هو ۽ مڪمل ڪاغذ به اسان وٽ پڻ موجود آهن،ان هوندي به ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.