نئون دمبالو ۾ جهيڙي جو زخمي فوت، انگ 2 ٿي ويو

نئون دمبالو (ن ع آ  )نئون دمبالو لڳ ڳوٺ چودري شاھ ۾ چار ڏينهن اڳ ڪولهين ۽ آرائين برادري ۾ جهيڙو ٿيڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي  پيا هئا جنهن ۾ زخمي شيوو ڪولهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو جنهن جي ايف آئي آر آرائين برادري جي پنج ڄڻن تي داخل  ڪئي ويئي هئي جنهن بلال آرائين جيل حوالي هو جڏھن جهيڙي ۾ ٻيو زخمي عظمت آرائين پڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آھي فوتي حيدرآباد اسپتال داخل هو جنهن جي حالت نازڪ هئي لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام متل آھي.  ٻي پاسي پوليس ڪاروائي ڪندي رامون پٽ شيوو پارو پٽ اوڪو اوڪو پٽ ڀيموڪولهي ۽ ميرمحمد لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏهن وڌيڪ پوليس گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.