جان محمد سوسائٽي لڳ جهيڙو، 6 زخمي، احتجاج

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ گڏاڻي ۽ لانگاه برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو جنهن جي  نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب لياقت گڏاڻي۔نياز گڏاڻي۔ڪرم علي عاشق گڏاڻي ۽ لانگاه برادري جا احسان۔شوڪت۔اسد ۽ سونو لانگاه  زخمي ٿي پيا لياقت گڏاڻي جو چوڻ هو تہ اسان جي کاتي جي زمين آھي صبح جو زمين تي ويٺو هيس تہ لانگاه برادري جي ماڻھن جمالدين لانگاه۔غلام حسين لانگاه ۽ ٻين حملو ڪري ڏنو اسان عالپورٿاڻي تي ميڊيڪل ليٽر لاء وياسين پر عادلپور پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان کي ميڊيڪل ليٽر توڙي اين سي داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئ ڇڏيو جيڪا پوليس جي ناجائزي آھي.   ٻي طرف لانگاه برادري جي ماڻھن خانپور مهر گهوٽڪي روڊ تي  احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو انهن جو چوڻ هو تہ زمين اسان جي آھي گڏاڻين زبردستي زمين تي قبضو ڪيو آھي جنهن بعد پيپلزپارٽي اڳواڻ زبردست خان مهر مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.