ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن تي ڪيس داخل

ڏوڪري( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بعد پوليس ڇاپا  هڻي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي پوليس 3  اڳواڻن کي  گرفتار ڪري لاپ ڪري ڇڏيو آهي ،ڪيس داخل ٿيڻ تي عزادار سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن ، مظاهرو ڪري ٿاڻي جي  گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.  مولوي غلام علي عاملي، قربان جلباڻي سميت 800 ماڻهن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 20 ڄڻا نامينيٽ ۽ 780 ماڻهن کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي.  ٽن ڄڻن منظور جلباڻي، امام علي جلباڻي ۽ پپن ڪنڀر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي شيعا اڳواڻن مولانا رياض الحسيني ڊي ايس پي مشتاق احمد شاھ ۽ ايس ايڇ او حضور بخش جوڻيجو سان گڏجاڻي ڪري ڳالھيون ڪيون ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن خلاف بي گناھ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي اسان ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا پر امن عزادارن خلاف دهشتگردي جو جڙتو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي اسان مولا جا عزادار آهيون اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري عزاداري کان روڪي نٿو سگهجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.