ملاڪاتيار ۾ ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ملاڪاتيار( ن ع آ) ملاڪاتيار ويجهو مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثره عورت  احتجاجي مظاهرو ڪيو  ملاڪاتيار ويجهو آبادگار ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد شيخ جي رهواسڻ (ع) خاتون زال (م ق) لنڊ پنهنجي ڀائرن ۽ معصوم ٻارن سميت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي (ع) خاتون دانهيندي ٻڌايو ته جوابدارن سڀاڳو شيخ ۽ شبيرعرف لنگھ شيخ جيڪي اسان جي ڳوٺ جا آهن، ٻئي جوابدار منهنجي مڙس جي غير موجودگي ۾ رات جو اسان جي گهر ۾ گهڙي مون سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، مون تي تشدد ڪري اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته منهنجي رڙين تي ٻارڙا ۽ ٻيا پاڙيسري جاڳي پيا، جنهن تي جوابدار مون کي ڇڏي فرار ٿي ويا، هن ٻڌايو ته مذڪوره جوابدار مون کي اڪثر تنگ ڪندا رهندا آهن، جنهن جي دانهن مون سڀني واڙي وارن ۽ ٻين رشتيدارن کي ڏني آهي، پر هاڻي جوابدارن حد ڪري ڇڏي ۽ گهر ۾ گهڙي آيا، هن ٻڌايو ته اسان آبادگار ٿاڻي تي فرياد ڪئي آهي پر پوليس اڃا تائين صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، مُک جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته جوابدارن کي بااثر ماڻھن جي پُٺڀرائي حاصل آهي، اهي ڪنهن به وقت اسان کي جاني نقصان به پهچائي سگهن ٿا، متاثر عورت آءِ سنڌ، ايس ايس پي ٽنڊي محمد خان سميت ٻين وس وارن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.