ميان صاحب ۾ چور اسپتال مان قيمتي سامان ٻهاري ويا

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان چوڏيو سڌايو سرڪاري اسپتال ۾ چوري جي واردات، چور اسپتال مان سولر پليٽون، بيٽري  ، اسٽيبلائيزر ، پکا ، ۽ ٻيو سامان بھاري ويا، تفصيل موجب :  ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ چوڏيو سڌايو جي سرڪاري اسپتال مان نامعلوم چور سولر پليٽون سولر جا پکا اسٽيبلائيزر ۽ ٻيو هزارين رپين جو سامان چورائي ويا آهن ان سلسلي ۾ پي پي ايڇ آء سينٽر چوڏيو سڌايو اسپتال جي ملازم  سڪندر علي  ٻڌايو ته رات دير سان اسپتال جي ڪمرن جا تالا ٽوڙي نامعلوم چور اسپتال جو هزارين رپين جو سامان چورائي ويا آهن هن چيو تہ اسان اهڙو اطلاع همايون پوليس کي ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.