ميهڙ لڳ موٽر سائيڪل چوري، هڪ گرفتار، متاثرن جو احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ ) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ گاھي مھيسر ۾ پورھيت امير علي سوڍر جي موٽر سائيڪل سندس گھر ٻاھران ٽي نامعلوم چاٻي چور  جوابدار گاڏي چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته متاثر پورھيت امير علي سوڍر جي فرياد تي ميھڙ پوليس جوابدار مظھر چنا کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته ٻئي طرف متاثر ڌر سوڍر برادري جي ماڻھن امير علي سوڍر، سليم سوڍر ، نظام ، بدر سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ھنن چيو ته جوابدار مظھر چنا سان ڳڏ 2 نامعلوم ھمراھ ھيا جن منھنجي موٽر سائيڪل چوري ڪئي آھي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.